دي گيم

دي گيم

دي گيم

دي گيم (ڪتاب): هند سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار سرڳواسي وشنو ڀاٽيا جي بولڊ ڪهاڻين جو هي مجموعو، ٻماهي ڪونج، نومبر- ڊسمبر 1982ع جو ڏياري پرچو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل ڀڳوان ڪپور جو ۽ لي آئوٽ رام لالچنداڻيءَ جو ٺاهيل آهي.
وشنو ڀاٽيا تي ’ڪهاڻي نويس: وشنو ڀاٽيا‘ عنوان سان ٻه صفحا هري موٽواڻيءَ جا لکيل آهن، جنهن لکيو آهي ته، ”وشنو ڀاٽيا جو ادبي سفر ترجمن سان شروع ٿيو. ان بعد هن اصلوڪيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته ان صنف جا سڀ لڪ- ڪهاڻي، نئين ڪهاڻي ۽ اَڪهاڻي لنگهندي- ڪنهن حد تائين ڪهاڻي منزل جي چانئٺ وٽ اچي بيٺو آهي. دراصل وشنوءَ جي ڪهاڻين ۾ جيڪا موضوعن جي نواڻ ۽ گوناگونيت آهي، سا سنڌيءَ جي چند ڪهاڻي نويسن وٽ ئي ملي سگهندي. وشنو ڀاٽيا سنڌيءَ ۾ بدنام ليکڪ طور مشهور آهي، ڇاڪاڻ جو سندس ڪهاڻين جي هڪ حصي ۾ سيڪس جو کليل ۽ بيباڪ اظهار ملي ٿو.“
هـن ڪـتاب ۾ وشـنـو ڀـاٽيـا جـون پنـج ڪـهـاڻـيـون: (1) دي گيم، (2) پروفيشنلس، (3) ننگائپ جو احساس، (4) پردن ۽ عڪسن جي وچ مان، ۽ (5) وقت جي وڇوٽي ۽ زندگيءَ جو قيد، شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 92 صفحن تي مشتمل وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين جو هي ڪتاب، 1982ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 8 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو